پوڪرداس اينڊ سنز

پوڪرداس اينڊ سنز: هيءُ اشاعتي ادارو هو، جيڪو مشهور اديب پوڪرداس ٿانور داس شڪارپور ۾ قائم ڪيو هو. هن اداري سنڌي نثر ۽ نظم جا وڏي تعداد ۾ ڪتاب ڇپايا. لطف الله بدويءَ لکيو آهي ته:”1882ع ڌاري سرڳواسي پوڪرداس ننڍڙي پئماني تي ڪتب فروشيءَ جو دڪان کوليو هو“. ڊاڪٽر غلام علي الانا هن لاءِ لکي ٿو ته: ”1886ع کان پوڪرداس شڪارپور واري ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو جاري ڪيو.“ منگھارام ملڪاڻيءَ هن اداري لاءِ لکيو آهي ته: ”شڪارپور مان مسٽر پوڪرداس 1885ع ۽ سکر مان ماستر هريسنگھه 1888ع ۾ پنهنجن ڪتبخانن مان ڪيترا ازغيبي ۽ ڪرامتي (Super Natural) قصا ڇپيا.“ پر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي تحقيق موجب پوڪرداس جنوري 1986ع کان ڪتب فروشيءَ جو ڪم ۽ بعد ۾ ڇاپخاني جو ڪم شروع ڪيو. پوڪرداس هن اشاعتي اداري مان نصابي ڪتابن کان سواءِ ابتدائي نثر جا ڪتاب، قصا، ڪهاڻيون، داستان، ناول ۽ شاعريءَ جا ڪتاب، ابو الحسن جي سنڌي ۽ ٻيا ڪتاب (جھڙوڪ : نورناما، جنگناما) ۽ مولودن جا ڪتاب ڇپايا. هن جديد سنڌي لپيءَ ۾ ليٿو گرافي ۽ جديد ٽائيپ ۾ پڻ ڪتاب شايع ڪرائي، سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي آهي.


لفظ پوڪرداس اينڊ سنزھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو